SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بيتن واريون ڳجهارتون


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

بيتن واريون ڳجهارتون

(Poetic Riddles)

سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪچھرين ۾ ڳجھارتون بيتن يا ڏوھيڙن جي صورت ۾ ڏنيون وينديون اھن، ۽ انهن کي سگھڙ ڏوھيڙي جي صورت ۾ ئي ڀڃندا اھن. جيڪڏھن ھڪ ڌڪ سان ڳجھارت نه ڀڳي تھ پوءِ بيتن پٺيان بيتن جا وسڪارا لائي ڏيندا اھن. ڳجھارت ڀڃندڙ، ڳجھارت ۾ فقط ڪنھن لاڳاپي واري اسم جو نالو ورتو ته ڳجھارت ڀڄي پوندي، ۽ پوءِ ڳجھارت ڏيندڙ، ڳجھارت سڄي ڪري ٻڌائيندو آهي. مثال طور: ڳجھارت جو نمونو: ”ذات جا ڪنديس ڪپڙا، پوک جا ڪنديس ڪا نھ“ ڳجهارت ڀڃڻ وقت ڳجھارت ڀڃندڙ ويندو ذاتين ۽ پوک جا نالا کڻندو ۽ ٻيا سگھڙ به ساڻس شامل ھوندا. پوءِ اهي ڌڪن پٺيان ڌڪا ھڻندا ويندا آهن، ڳجھارت ڏيڻ وارو ڪنڌ پيو لوڏائيندو ۽ چوندو: اڃا بچي، اڃا گٿو آھين، اڃا جيئري آھي، تان جو ڪنھن سگھڙ جو پورو ڌڪ وڃي لڳندو: جواب صحيح ھوندو تھ ڏيندڙ چوندو ”ويئي“ ۽ پوءِ سگھڙ ڳجھارت ڀڃي ٻڌائيندو. جيئن ھن ڳجھارت جا اسم آهن: ذات جا = مڱڻيجا، پوک جا = ٻيجا ڀڃڻي: ”مڱڻي جا ڪنديس ڪپڙا، ٻئي جا ڪنديس ڪا نھ“


Remember Me Also:

ڪيٽي پير علي بخش

اسم خاص. تعلقي گهوڙا ٻاري ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal